رني ڪوٽ جو خزانو

رني ڪوٽ جو خزانو

رني ڪوٽ جو خزانو

رني ڪوٽ جو خزانو (ڪتاب): هي سنڌي ٻولي جي نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس يارهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف به ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سندس تعليمي ۽ پيشورانه زندگي، ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جون مشهور ڪهاڻيون: ’گھاءُ‘، ’محرم علي‘، ’هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولها‘، ’آدم جي ماءُ‘، ’ساڻو ساڻو ساهه‘، ’مان ديوداس نه آهيان‘، ’ڇتي ڪتي جو موت‘، ’ڪپيل ٻانهن جو وارث‘، ’هڪ دؤر جو ماتم‘، ’سنڌي گدڙ ان اسلام آباد‘ ۽ ’رنيڪوٽ جو خزانو‘ شامل آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري ڇپايو آهي. هن ڪتاب جا چار ڇاپا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. چوٿين ڇاپي ۾ ’رنيڪوٽ جو قيدي‘ نالي سان نئين ڇاپي لاءِ اضافي مهاڳ لکيل آهي، جيڪو به ليکڪ پاڻ قلمبند ڪيو آهي. 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ سؤ رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو